خليفو عبدالحڪيم سيوستاني

خليفو عبدالحڪيم سيوستاني : خليفو عبدالحڪيم سيوستاني وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. حنفي قفه جو ڄاڻو ۽ نقشبندي طريقي جو سرواڻ هو. هن مذهبي تعليم مخدوم عبدالواحد نعمان ثانيءَ کان حاصل ڪئي هئي ۽ خليفو به ان جو هو. مذهبي ميڙاڪن ۽ بحث مباحثن ۾ ان سان گڏ هوندو هو. مولوي مير محمد عباسي سيوستاني هن جو عزيز هو. محمد حسين سيوستاني، آخوند رازق ڏنو، رئيس محمد حسن کهاوڙ، ميان امير خيرپوري، غلام رسول افغان خاموش، مخدوم محمد عابد سيوهاڻي انصاري ۽ مولانا محمد افضل رشيد هن جا همعصر ۽ هم مدرس هئا. هن بزرگ جي وفات مير غلام علي خان ٽالپر جي دور ۾ معلوم ٿئي ٿي.


لفظ خليفو عبدالحڪيم سيوستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو